; سنڌي شخصيتون: رُڪ سنڌي - نظر پياسي

12 February, 2012

رُڪ سنڌي - نظر پياسي


رُڪ سنڌي
نظر پياسي
سنڌ جو مشهور ليکڪ رڪ سنڌي 5 آگسٽ 1961ع تي تعلقو ڪنڊيارو، ضلعو نوشهرو فيروز جي ڳوٺ، حامد اڄڻ ۾ پيدا ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد، صحافت جو پيشو اختيار ڪيائين. روزاني جاڳو جي ايڊيٽر ۽ پبلشر طور خدمتون سر انجام ڏنائين. جڏهن ته روازني عوامي آواز ڪراچي، روزاني سچ ڪراچي، روزاني ڪاوش حيدرآباد، روزاني سوڀ ڪراچي، روزاني تعمير سنڌ ڪراچي ۽ روزاني سنڌ حيدرآباد ۾ نيوز ايڊيٽر، اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام پڻ ڏنائين. ان کان علاوه مختلف صحافتي تنظيمن ۾ به شامل رهيو آهي.



رڪ سنڌي، سنڌ جي حقن خاطر مختلف قومپرست ۽ ترقي پسند تنظيمن به سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. هو گذريل 20 سالن کان ادب، صحافت ۽ سياست سان لاڳاپيل هجڻ سميت، ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق رهيو آهي. جن ۾ ڪيترا ئي ڪتاب شايع ٿيل آهن. جڏهن ته سندس سوين مقالا ۽ مضمون، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن.
رڪ سنڌي جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ ھيٺ ڄاڻايل ڪتاب، ڳڻائي سگهجن ٿا.

·        قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي.
·        ٽوڙي ڦاٽڪ جو سانحو.
·        سنڌي قوم جو مقدمو.
·        سنڌ جي سياسي صورتحال.
·        تاريخ جي لاٽ.
·        سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌين جو اتحاد.
·        اڄ جي سنڌ.
رڪ سنڌي ڪيترا ئي ڪتاب، ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ وڌا آهن. جڏهن ته ڪيئي ڪتاب مرتب به ڪيا اٿائين.

No comments:

راءِ ڏيندا