; سنڌي شخصيتون: سليمان شاهه - مصطفيٰ ملاح

18 August, 2012

سليمان شاهه - مصطفيٰ ملاح


سليمان شاهه
ڳائڻ جو منفرد انداز رکندڙ راڳي
مصطفيٰ ملاح/ ڪراچي
”سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون!“
جهڙو شاهڪار گيت ڳائيندڙ، سنڌ جي منفرد انداز واري راڳي، سيد سليمان شاهه کي اسان کان جدا ٿئي ۱۶ سال مڪمل ٿي ويا آهن. ارڙھين آگسٽ تي سورھين سندس ورسي ٿيندي.
پنهنجي انوکي رقص ۽ گائيڪيءَ جي انداز ذريعي، شاعريءَ جي لفظ لفظ ۾ زندگي ڀريندڙ هن درويش صفت راڳيءَ جي جيئڻ جو به انداز نرالو هو. هو پنهنجي انداز ۾ صوفياڻي ڪلامن تي رقص ڪندي، وجد جي حالت ۾ نچندي ڳائيندي، مست الست صوفياءِ ڪرام سچل سائين، بابا بلي شاهه جو تسلسل يا عڪس محسوس ٿيندو هو. پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي، جڏهن سيد سيلمان شاهه محفل ۾ نچندو هو ته هن جي آواز تي هر محبت ڀري دل به ڪنهن درويشن جي مزار جو آڳنڌ بڻجي ويندي هئي. سيد سليمان شاهه جو بدن راڳ ۽ ساز جي لئه تي لهر لهر ٿي نچڻ لڳندو هو.


سيد سليمان شاهه سنڌ جو اڪيلو راڳي هو، جنهن جو انداز به فقيراڻو هوندو هو. هو ڀرت ڀريل پهراڻ اڪثر ڪري پهريندو هو ۽ منفرد نموني سان ناچ ڪندو هو. ناچ  ۽ راڳ دوران ويٺلن تي وجد طاري ٿي ويندو هو. هن جو ناچ، هن جي جسم جي ڄڻ شاعري هوندي هئي. نه صرف پيرن جا گهنگهرو ڇمڪائيندو هو پر هٿن ۽ اکين جا اشارا پڻ راڳ ڳائڻ دوران ڪندو هو. خاص طور تي جڏهن هو ”سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون“ ڳائڻ لڳندو هو ته سندس رقص جو پورو اظهار چپن تي مرڪ بڻجي ٽڙي پوندو هو. هن جي راڳ ۾ ايتري ته مٺاس هئي جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، مير رسول بخش ٽالپر، محمد خان جوڻيجو سميت سنڌ جا ڪيترا ئي ناميارا ماڻهو، هن جي راڳ ۽ رقص سان محبت ڪرڻ لڳا ۽ کيس شوق سان ٻڌڻ لڳا.
پرائمري تعليم پاس، سيد سليمان شاهه ۲۰ جولاءِ ۱۹۳۳ع تي ضلعي ٺٽي جي جاتي واري شهر ۾ سيد عبدالله شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. ۲۰۰ کان وڌيڪ گيت ڳائيندڙ هن ڳائڻي جو استاد بچو شيخ هو، جنهن کيس راڳ ۽ رقص جي سکيا ڏني. پاڻ هڪ بهترين راڳي، شاعر، اداڪار ۽ رقاص هو. پر هن پنهنجي سڃاڻپ هڪ راڳي طور ڪرائي.
هن پهرئين سنڌي فلم ايڪتا، عمر ماروي، شهروفيروز، چانڊوڪي، نوري ڄام تماچي، حاضر سائين، پرديسي ۽ پيار جهڙين فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا ۽ انهن فلمن ۾ پڻ گيت به ڳايا. هن جي مشهور گيتن ۾، ھيٺيان گيت شامل آھن.
·        دل تو کي ڏئي درد پرايو.
·        اسان ڪون عشق مريندا، ول ول قتل ڪريندا.
·        سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون.
هن ٻه شاديون ڪيون، جنهن مان هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. ۱۸ آگسٽ ۱۹۹۶ع تي هي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
سيد سليمان شاهه برطانيه، روس، ترڪي، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ فن جا مظاهرا ڪيا.
سليمان شاهه، استاد محمد جمن، لتا ۽ رفيع کي شوق سان ٻڌندو هو.
پاڻ سنڌي، اردو، پنجابي، گجراتي ۽ ٻين ٻولين ۾ ڳائي ڪيتريون ئي آڊيو ڪيسٽون آنديون، جيڪي اڄ به مارڪيٽ ۾ موجود آهن.
سليمان شاهه، پيرن ۾ ڇير وجهي، فن جو مظاهرو ڪندڙ سنڌ جو پهريون فنڪار هو. اڪثر ڪلام شاعر سائل آزاد جا ڳاتائين، ايئن کڻي چئجي ته شاعر سائل آزاد کي هن پنهنجي آواز ذريعي مشهور ڪيو ۽ شاعر سائل آزاد پنهنجن لفظن ذريعي سليمان شاهه کي ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ مقبول ۽ مشهور بڻائي ڇڏيو.





سيد سليمان شاهه
سنڌ جو من موهيندڙ لوڪ راڳي
ابراهيم لاشاري
سونهاري سنڌ ۾ سر سنگيت جي نرالي مالها اصل کان وٺي جرڪندي نظر اچي ٿي هن فن ۾ مهارت رکندڙ ڪيترا ئي فنڪار هن سونهن ڀري ڌرتي تي  آيا ۽ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري پاڻ کي هن سر سنگيت جي دنيا ۾ امر بڻائي هي جهان ڇڏي ويا. اهڙي من موهيندڙ فنڪارن جي موتين مالها منجهان اڄوڪي تاريخ 18 آگسٽ 1996ع  آچر ڏينهن  زندگي جا 63سال 29 ڏينهن گهاري سر سنگيت جا سڀ ساز بند ڪري سيد سلمان شاهه سنڌ واسين کان هميشه هميشه الوداع ڪري اسان کان ڌار ٿي ويو هو. سر سنگيت جي هن من موهيندڙ آواز، ضلعي ٺٽي جي جاتي شهر منجھ، معزز شخصيت سيد عبدالله شاهه جي گهر ۾ خميس ڏينهن 20 جولاءِ سال 1933ع ڌاري جنم ورتو. ننڍي هوندي پوري پني تعليم حاصل ڪيائين. پر سندس ننڍپڻ کان وٺي راڳ واري شعبي سان گهري دلچسپي هوندي هئي. سيد سليمان شاهه راڳ جو ڳانو سنڌ جي ڀلوڙ سر سنگيت جي فرد استاد (بچو شيخ) کان ٻڌرايو راڳ ۽ رقص جي انوکي سکيا به استاد بچو شيخ جي تربيت ۾ حاصل ڪري پنهنجو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرايو سيد  سليمان شاهه اهو واحد سنڌ جو فنڪار هو جيڪو پيرن ۾ ڇير ٻڌي هڪ انو کي قسم جي رقص سان محفل کي جهومائي ڇڏيندو هو، سيد سليمان شاهه جي پيرن منجهه پاتڪ گهنگهرو۽ هٿن جي بهترين ادائن سان مختلف قسم جي نرالن اشارن سان جڏهن اهي  مٺڙي زبان سان ٻول (سهڻا پنهنجي اکڙين کي جهل تون) ٻوليندو هو، ته جسم جو هر حصي جو انگ سر سنگيت جا  مختلف نرالا رنگ پيو ڇڏيندو هو.

ويٺلن ۽ ٻڌندڙن واه واه سليمان شاهه ۽ ڀرپور تاڙين سان داد پيو حاصل ڪندو هو، سيد سليمان شاهه اسٽيج جو جو به لاجواب فنڪار ٿي گذريو آهي هو جڏهن پنهنجي اشارن سان ڪوئي به ڪلام ڳائيندو هو ته سندس ٻڌندڙ متوجهه ٿي ويندا هئا. سيد سليمان شاه فنڪار سان گڏ هڪ بهترين اداڪار پڻ هو سيد سليمان شاهه سر سنگيت جي بلندي ان زماني ۾ ماڻي جڏهن هن بابي بلي شاهه جو مشهور ڪلام (اسان نون عشق مريندا، ڍولڻ ول ول قتل ڪريندا) ڳائي پنهنجو نالو سڄي ملڪ پياري پاڪستان ۾ نروار ڪرايو، بعد ۾ ترت سنڌ جي مشهور براڊڪاسٽر محترم عبدالڪريم بلوچ صاحب، سال 1970ع ڌاري پاڪستان ٽيليويزن تي کيس رڪاڊ ڪرائي معتارف ڪرايو ٽيليويزن پاڪستان کان علاوه ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي سندس ڳوٺائي سينئر پروڊيوسر محترم خواجا امداد علي صاحب پڻ کيس متعارف ڪرايو، سيد سليمان شاهه ريڊيو، ٽي وي کان علاوه فلمن ۾ پڻ ڳايو جن فلم ۾ شاهه صاحب  ڳايو، انهن منجهه فلم ايڪتا، فلم عمر مارئي، فلم چانڊوڪي، فلم حاضر سائين، فلم شهرو فيروز، فلم نوري ڄام تماچي، فلم پرديسي ۾ لاجواب نموني ڳائي نالو ڪمايو، هي من موهيندڙ فنڪار سنڌي زبان کان علاوه اردو، سرائيڪي، بلوچي، گجراتي، پنجابي، ۽  ٻين ٻولين ۾ ڳائي پنهنجي فن کي اجاڳر ڪندو رهيو سيد سليمان شاهه پنهنجي ملڪ کان سواءِ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ جهڙوڪ ترڪي، روس، انگلينڊ، آمريڪا، ۽ متحده عرب امارات ۾ ڳائي وڏو داد حاصل ڪيو، سيد سليمان شاهه هڪ سکي انسان ۽ فنڪار هيو هن پنهنجي فن جي ورهاست پنهنجي شاگردن ۾ پڻ ڪئي ۽ ڪيترا ئي شاگرد پيدا ڪيا، جن منجهان سندس پيارو شاگرد (ڪارو شيخ )، امير بخش ميراثي، مولابخش مڱڻهار فن مان فيضياب ٿيا، جن پڻ سر سنگيت ۾ پنهنجو نالو ڪمايو. سيد سليمان شاهه جا ڪجهه مشهور ڪلام جن سندس مقبوليت ۾ بي پناهه اضافو ڪيو انهن ۾ (دل تو کي ڏئي درد پرايو، سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون ، اسان نون عشق مريندا ڍولڻ ول ول قتل ڪريندا سيد سلمان شاهه هن وقت اسان وٽ موجود ته ناهي پر سندس فن کي هيترا سارا 21 سال گذري ويا آهن پوءِ به ساڳي چاهه سان سندس ٻڌندڙ اڄ به کيس ياد ڪن پيا هن من موهيندڙ فنڪار جا 200کان مٿي آڊيو ۽ وڊيو ڪيسٽن ۽ سي ڊي ۾ محفوظ ٿيل ڪلام اڄ به گونجي رهيا آهن، آخر ڪار دنيا سڀني کي ڇڏڻي آهي هي فنڪارن جي موتين مالها مان ٽٽي 18 آگسٽ 1996 ع ڌاري هزارين چاهيندڙن کي ڇڏي وڃي، ابدي آرامي ٿيو اڄ سندس 21 ورسي ملهائي ويندي.

No comments:

راءِ ڏيندا